ڀوت 1

ڀوت: ڪوھستان ۽ لسٻيلي جو ھڪ مشھور سماٽ قبيلو. ڪن جو خيال آهي ته هي ڇٽا آهن. هنن ۾ هڪ ’ڀوتاڻي‘ قبيلو به آهي، جن وٽ ڀوتن جي سرداري آهي. اهو سردار گهراڻو دريچيءَ، بلوچستان ۾ رھندو آھي. ٿر جي نھڙين، هندو ’چمارن‘ ۽ مھيشورين ۾ به ڀوت پاڙا آهن. ڀوت نالي هڪ ٻيو قبيلو صادق آباد ۽ بھاولپور ضلعن ۾ رهي ٿو. جيڪي ننڍا زميندار ۽ هارپو ڪندڙ آهن. هي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا بلوچ سڏائين ۽ ٻيا جت. بلوچ سڏائيندڙ ٿورا آهن، جڏهن ته جتن جو تعداد گهڻو آهي. ڀوت جت اڀيرا قبيلي جي شاخ آهي، ڪي انھن کي ڀٽي قبيلي جي ذات به سڏين ٿا. هڪ روايت آهي ته اهي سنڌ جي سمن مان آهن ۽ سنڌ مان هجرت ڪري ويل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو